مٿي

 e Bible Fellowship -   سنڌي

دنيا ايتري گهڻي تقسيم ڇو آهي؟




سوال: خبر نه آهي ته ڇو مون کي پورو يقين نه آهي، پر ايئن ٿو لڳي ته شيون هن جو وڌ ۾ وڌ حصو بڻجي رهيون آهن، مان سمجهان ٿو ته هي سياست آهي، جنهن اسان کي تقسيم ڪري ڇڏيو آهي.

جواب: اڄ اسين دنيا ۾ ڪٿي به کڻي وڃون، اسان کي اها ڳالهه ڏسي وڏي پريشاني ٿيندي، ته وڏي عرصي کان پُراعتماد سياسي نظامن تي هاڻي بلڪل اعتماد نٿو ڪري سگهجي، اُهي سڀ خبر ڏيڻ واريون ايجنسيون جيڪي تمام قابل احترام سمجهيون وينديون هيون، هاڻي انهن کي جعلي ايجنسين جو نالو ڏنو پيو وڃي. دنيا جي تفريحي صنعت هڪ ٻئي پويان هڪ اسڪينڊل سان خراب طريقي سان هِلي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ انهن لاءِ وڏي ذلت جو باعث بڻي چڪي آهي.

پر اهو هتي ختم ڪونه ٿو ٿئي، گهڻائي عادي ماڻهو دنيا جي مشڪلات کان ڀڄڻ جي لاءِ پنهنجي من پسند راندين ۽ رانديگرن ۽ جن ٻين تنازعن ۾ انهن کي شامل ڪيو هو. هوڏانھن هليا ويندا آهن. انهي پريشاني ۾ مذهب گهيرجي چڪو هو، جيئن ته دنيا جي وڏن مذهبن مان هڪ پنھنجي ساک بچائڻ لاءِ هُن جي تربيت ڏني آهي، جيڪو هُن جي نالي تي دهشتگردي ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ ڏک جي طور تي دنيا جي غير معمولي تقسيم هن ڪري نه ٿي آهي پر اسين عملي طور تي هر هنڌ ۽ پنھنجي خاندانن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڏسون ٿا.

ڇا ٿي رهيو آهي؟ شايد ٿي سگهي ٿو، توهان کي هن سان حيرت ٿي هجي، پر هن سوال جو جواب بائبل ۾ ملي ٿو.  بائبل هن وقت جي باري ۾ ٻڌائي ٿي ته جڏهن دنيا اهڙي نموني سان تقسيم ٿي ويندي، جيئن ته پھرين ڪڏهن نه ٿي هئي، قيامت جي ڏينهن اهڙي قسم جي تقسيم جو ڏينهن اچي ٿو.


حزقي ايل 38 باب: 21-22 آيت:


”۽ خداوند ٿو فرمائي ته آءٌ هن تي پنهنجن سڀني جبلن تان هڪڙي ترار ڪوٺيندس، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس ڀاءُ تي وهندي ۽ آءٌ وبا موڪلي ۽ خونريزيءَ سان هن کي سزا ڏيندس، ۽ آءٌ هن تي قھر جو مينهن وسائيندس ۽ هُن جي ٽولين تي، ۽ جيڪي گهڻيون قومون ساڻس هيون تن تي سخت وسڪارا ۽ وڏا ڳڙا ۽ باهه ۽ گندڪ وسائيندس.“


ذڪرياه 14 باب: 13 آيت:


”۽ هيئن ٿيندو ته انهيءَ ڏينھن خداوند وٽان هنن ۾ وڏو گوڙ شور ٿيندو ۽ هو پنھنجي پاڙيسريءَ جو هٿ جهليندا ۽ هڪٻئي جي برخلاف هٿ کڻندا.“


سوال: هي عدالت جو ڏينھن ڇا توهان اهو چئي رهيا آهيو ته عدالت جو ڏينھن تقريبن هتي آهي؟

جواب: نه، اصل ۾، بائبل اهو ظاهر ڪيو آهي ته عدالت جو ڏينھن اڳ ۾ اچي چُڪو آهي، شايد توهان کي 21 مئي 2011ع جي تاريخ جي باري ۾ ياد هجي ته گهڻا سال اڳ ۾ دنيا تي ظاهر ڪيو ويو آهي؟ بائبل هن ڳالهه تي زور ڀري ٿي ته هن جي منادي صحيح هئي. جنھن جو مطلب آهي ته خدا دنيا جي هن تاريخ کان وٺي اڄ تائين عدالت ڪري پيو ۽ بائبل اهو اشارو به ڪري ٿي ته هي عدالت جو عرصو وڌيڪ سالن تائين پيو هلندو ۽ 2033 ق. م تائين پيو هلندو.

سوال: ڇا توهان سنجيده نٿا رهي سگهو. توهان هي سمجهو ٿا ته هن وقت دنيا تقسيم ٿي ويئي آهي، جنھن جو مطلب اهو ٿيو ته هن جي عدالت جو ڏينھن آهي؟

جواب: هي ٻيو رستو آهي. هي عدالت جو ڏينھن نه آهي، ڇو ته دنيا تقسيم ٿي ويئي آهي، پر دنيا جي تقسيم هن ڪري ٿي ڇو ته هي عدالت جو ڏينھن آهي ۽ خدا جي عدالت، شيطان جي بادشاهت جي تقسيم سڏيو وڃي ٿو... ڇاڪاڻ ته، اها ئي دنيا جي تقسيم آهي .


متي 12 باب: 25 آيت:

”۽ هُن سندن خيال سھي ڪري چيو ته هر ڪا بادشاهت جنھن ۾ ڦوٽ ٿي پوي سا برباد ٿيو وڃي، ۽ هر ڪو شھريا گهر جنھن ۾ ڦيٽھڙو ٿو پوي سو جٽاءُ نه ڪندو.“


اهڙيءَ ريت مرقس 3 باب: 24-26 آيت:


”۽ جيڪڏهن ڪنھن بادشاهت ۾ ڦيٽھڙو ٿو پوي ته اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي. جيڪڏهن ڪنھن گهر ۾ ڦيٽھڙو پوندو ته اُهو گهر به قائم رهي نه سگهندو ۽ جي شيطان پاڻ پنھنجي برخلاف کڙو ٿيندو ۽ ڦيٽھڙو وجهندو ته بيھي ڪين سگهندو، پر ختم ٿي ويندو.“


هن نقطي تي ڌيان ڏيو، ”قائم رهي نه سگهندو“ وري ان آيتن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. خدا، جنھن بائبل لکي آهي، پنھنجي لفظن جي چونڊ درستگيءَ ۾ ڪري ٿو، اسين اهڙيءَ زبان جو استعمال ڪجهه ٻين جاين تي ڏسون ٿا:


مڪاشفو 6 باب: 17 آيت:


”ڇا لاءِ جو انهن جي ڪاوڙ جو عظيم ڏينھن اچي پھتو آهي ۽ ڪير بيھي سگهندو؟“


زبور 1 باب: 5 آيت:


”تنھن ڪري بڇڙا عدالت ۾ قائم ڪين رهندا، نڪي گنھگار راستبازن جي محفل ۾.“


شيطان جي بادشاهت، جيڪا سڀ غير نجات يافته ماڻهن تي قائم هوندي، اها ئي عدالت جي ڏينھن ڪري پوندي. شيطان جي گهر جي تقسيم انهن کي عدالت جي ڏينھن بيھڻ نه ڏيندي.

سوال: توهان چيو آهي ته هي دنيا شيطان جي بادشاهت آهي؟ ڏسو آءٌ مڃان ٿو ته دنيا ۾ تمام گهڻيون بُرايون آهن، پر آءٌ ايترو پري نٿو وڃان ته چئي سگهان ته هي دنيا شيطان جي بادشاهت آهي؟

جواب: بدقسمتيءَ سان، بائبل هن کي ايئن بيان ڪري ٿي باغ عدن ۾ انسان ذات کي دوکو ڏيئي شيطان پنھنجي لاءِ گناهه جي لاءِ انساني غلامي جو حق کٽيو هو. ۽ غير نجات يافته انسان ذات تي حڪومت ڪرڻ جي سبب سان هو يسوع ڪي هن دنياجي بادشاهت جي پيشڪش ڪرڻ جي قابل ٿي پيو هو.


لوقا 4 باب: 5- 6 آيت:


”پوءِ هو کيس هڪڙي مٿانھينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ هڪ پل ۾ دنيا جون سڀئي بادشاهتون ڏيکاريائينس ۽ شيطان چيس ته هيءَ سموري اختياري ۽ اُنهن جي وڏائي آءٌ توکي ڏيندس، ڇا لاءِ جو اُها مون کي سونپيل آهي ۽ جنھن کي وڻيم تنھن کي ٿو ڏيان.“


اصل ۾ شيطان مسيح کي دنيا جي بادشاهت جي گهُر ڪري سگهندو هو، ڇو ته باغ عدن کان وٺي هو انهن تي حڪومت ڪندو رهيو هو.

سوال: مون کي خبر نه آهي ته شيطان دنيا تي حڪومت ڪندو هو اهو خيال منھنجي لاءِ وڏو عجيب آهي؟

جواب: ٺيڪ آ، اهو سچ آهي. هن وقت هو دنيا تي حڪومت نه پيو ڪري، جڏهن کان خداوند يسوع مسيح (21 مئي 2011ع ۾) منصف ٿي آيو آهي، هن شيطان کي بادشاهت کان هٽائي ڇڏيو. خداوند يسوع هن وڏي وقت جي عرصي ۾ عدالت ڪري رهيو آهي. بائبل اسان کي بابل جي بادشاهه جي بادشاهت ڪرڻ جي هڪ وڏي سچي مثال ڏيئي ٿي. سڀ کان اڳ ۾ اسان کي اها ته خبر آهي ته بابل جو بادشاهه شيطان جي هڪ شڪل يا نمائندگي آهي.

يسعياه 14 باب: 4 آيت ”انهيءَ لاءِ ته بابل جي بادشاهه تي تون اهو مثال لاڳو ڪرين ۽ چوين ته ظالم ڪيئن نه بس ڪئي آهي.“ يسعياه 14 باب: 12-14 آيت:


”آءٌ ماڻهوءَ کي عمدي سون کان بلڪه انسان کي اوفير جي خالص سون کان به وڌيڪ ڪامياب ڪندس. تنھن ڪري آءٌ آسمانن کي ڏڪائيندس، ۽ لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري ۽ سندس خوفناڪ غضب جي ڏينھن ۾، زمين جاءِ تان لوڏي ڪڍندس ۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪو به گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنھن ماڻهوءَ کي پنھنجي قوم ڏي ورائيندا ۽ هر ڪنھن ماڻهوءَ کي پنھنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.“


دنيا ڪِري پئي آهي! ڪِري پئي آهي!


اهي شاهه بابل ۽ هُن جي قوم هئي، جنھن يُھوداه جي سرزمين کي برباد ڪيو ۽ گهڻن يھودين کي غلام بڻائي بابل کڻي ويا. ستر سالن جي وڏي خوفناڪ عرصي کان پوءِ (جنھن ۾ هڪ وڏي مصيبت جاءِ ورتي) بابل جي ميدانن کي مادين ۽ فارسين فتح ڪيو. اُنهي وقت بابل جي پذيرائي ۽ شيطان جي پذيرائي دنيا جي اختتام کي ظاهر ڪري ٿي. اهو انهي ڪري ٿيو ڇو ته بائبل، بابل جي پذيرائي کي واضح بيان ڪري ٿي.


يرمياه 51 باب: 7-8 آيت:


”بابل خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو ٿي رهيو آهي، جنھن سڄي زمين کي مست ڪري ڇڏيو آهي. قومن ان جي شراب مان پئي پيتو آهي: تنھن ڪري قومون ديوانيون آهن. بابل اوچتو ڪري پيو آهي ۽ ناس ٿي ويو آهي. اُن جي لاءِ واويلا مچايو، اُن جي سوال لاءِ ملم کڻي وڃو ته من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.“


يسعياه 21 باب: 9 آيت:


”۽ ڏس، اجهو ماڻهن جو لشڪر ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا ۽ هن ورندي ڏئي چيو ته بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.“


مڪاشفو 14 باب: 8 آيت:


”۽ هُن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين ته ڪري پيو، اُهو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن پنھنجي زناڪاري جي فھري شراب مان سڀني قومن کي پياريو هو.“


مڪاشفو 14 باب: 10 آيت:


”ته اُهو خدا جي غضب جي انهي شراب مان پيئندو، جو سندس پيالي ۾ خاص طرح تيار ڪري رکيو ويو آهي. اُنهي کي پاڪ ملائڪن جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان، باهه ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.“


اسين بابل جي ڪرڻ جي باري ۾ 18 باب ۾ به پڙهون ٿا


مڪاشفو 18 باب: 2 آيت:


”۽ هُن وڏي آواز سان چيو ته ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪِري ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو ۽ سڀ ڪنھن ناپاڪ روح ۽ سڀ ناپاڪ ۽ ڪراهت جھڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.“


جتي به اسان ڏسون ٿا هر پاسي بابل جي ڪرڻ جو ذڪر آهي. اسين هن جو اهو مطلب ڪڍي سگهون ٿا ته ”دنيا ڪري پئي“ يا ته عدالت جو ڏينھن هاڻ هتي آهي.

هن عجيب قابل ذڪر آيت ۾، خداوند دنيا ۾ موجود غير نجات يافته ماڻهون کي بابل سان جوڙي ٿو.


يرمياه 51 باب: 49 آيت:


”جيئن بابل اسرائيل جا ڪُٺل ڪرايا آهن. تيئن بابل ۾ ساري زمين جا ڪُٺل ڪرندا.“


هن ڪري بابل جو ڪرڻ دنيا جي ڪرڻ جو هم معنيٰ آهي. ظاهر آهي هڪ دفعي بابل ڪري پيو ته هي وري بيھي نه سگهندو. تقسيم سان گهر ڪري ٿو. تقسيم بادشاهت کي ڪرائي ٿي ڇڏي. شيطان جي هن دنيا جي بادشاهت ڪري پئي آهي ۽ دنيا ۾ ٻاهر هر هنڌ هن جو ثبوت ڏسي سگهجي ٿو، اسان جي ٻاهرين گرد نوا ۾.


ڀت تي لکيل نوشتو: مملڪت تقسيم ٿي ويئي


ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ خدا بائبل ۾ بيان ڪري ٿو ته هُن رات بابل جو بادشاهه (شيطان جي هڪ قسم) قتل ڪيو ويندو آهي ۽ مملڪت ڪِري پوندي آهي. ان وقت بادشاهه بيلثضر ڀت تي ڪجهه لکيل ڏسي ٿو، جيڪو هُن کي پريشان ڪري ٿو، هيستائين جو هن جون ٽنگون ڏڪڻ شروع ٿيون ڪري ڇڏين، نيٺ خدا جي ڀلي ماڻهو داني ايل کي سڏيو ويندو آهي ته ڀت تي لکيل تحرير جي تشريح ڪري.


داني ايل 5 باب: 25-28 آيت:


”۽ جيڪو لکيو ويو آهي سو هي آهي: مني، مني تقيل و                                                                                                                                                                                  فرسين- انهي جي معنيٰ آهي:مني يعني خدا تنھنجي بادشاهت ڳڻي ڇڏي آهي ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس تقيل؛ يعني تون ساهميءَ ۾ توريو ويو آهين ۽ وزن ۾ گهٽ نڪتو آهين. فرسين؛ يعني تنھنجي بادشاهت ورائجي ويئي آهي ۽ ميدين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.“


داني ايل 5 باب: 30-31 آيت:


”انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهه قتل ڪيو ويو ۽ داراميديءَ کي بادشاهت ملي جو اٽڪل ٻاهٺ ورهين جي عمر جو هو.“


هڪڙيءَ رات ۾ شاهه بابل جو خاتمو ٿيو ۽ هُن جي سلطنت تقسيم ٿي ويئي هئي. ساڳئيءَ رات مادين ۽ فارسين جي بادشاهه بابل ڪي فتح ڪيو. هن لحاظ سان بائبل جي تصوير ڏائرس (جنھن کي خورس سڏيو وڃي ٿو) مسيح جي هڪ رات ۾ چور وانگر اچڻ جي هڪ تصوير آهي. اسين مختلف ڏائرس (خورس) کي ڄاڻون ٿا ته مسيح جي هڪ قسم آهن، جيئن ته يسعياه جي ڪتاب ۾ لکيل آهي:


يسعياه 44 باب: 28 آيت:


”جو خورس بابت چوي ٿو ته هو منھنجو ڌراڙ آهي ۽ منھنجي سموري مرضي پوري ڪندو. هو يروشليم جي بابت چوي ٿو ته اهو وري اڏبو ۽ هيڪل کي چوي ٿو ته تنھنجو بنياد پوندو.“


خورس (ڏائرس) خدا جو ڌراڙ سڏيو ويندو آهي ۽:


يسعياه 45 باب: 1 آيت:


”خداوند پنھنجي ممسوح خورس جي حق ۾ ايئن ٿو فرمائي.“


هن کي پڻ سڏيو ويندو آهي خدا جو ممسوح ٿيل. هن لفظ ممسوح جو ترجمو به مسيح جي طور تي داني ايل جي ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته خورس مسيح جي هڪ تصوير آهي جيڪو رات ۾ چور وانگر شيطان ۽ هن جي دنيا جي عدالت ڪرڻ لاءِ عدالت جي ڏينھن ۾ ٿو اچي.

بابل کي فتح ڪرڻ کان پوءِ خورس هن کي ڏاڍي اعليٰ طريقي سان تقسيم ڪري ٿو، خداوند يسوع هڪ دفعي پنھنجي پاڻ کي تقسيم ڪرڻ وارو به ظاهر ڪري ٿو، جيئن هُن هڪ ماڻهو کي جواب ڏنو جيڪو چاهيندو هو ته ميراث جي معاملي تي هو پنھنجي ڀاءُ سان تنازعو حل ڪري.


لوقا 12 باب: 13-14 آيت:


”۽ انهي گوڙ مان هڪڙي کيس چيو، ته اي اُستاد، منھنجي ڀاءُ کي چئو ته ورثي مان منھنجو حصو مون کي ورهائي ڏي. پر هُن چيس ته اي ادا، مون کي اوهان جي مٿان منصف يا امين ڪنھن ٺھرايو آهي؟“


يسوع جي هن بيان ۾ ڪيڏي نه دلچسپ ڳالهه آهي، ڇا ائين آهي ته هُن مصنف ۽ تقسيم ڪرڻ واري کي گڏ جوڙي ڇڏيو آهي، اسان کي بائبل مان خبر پوي ٿي ته مسيح هن دنيا جو منصف آهي ۽ هاڻي اسين اهو به سکي رهيا آهيون ته هو شيطان جي بادشاهت ۽ هن دنيا کي تقسيم ڪرڻ وارو آهي.

سوال: ڇا توهان اهو چئي رهيا آهيو ته يسوع مسيح هن وقت دنيا تي حڪومت ڪري رهيو آهي؟

جواب: اهو صحيح آهي، بائبل اهو بيان ڪري رهي آهي ته موجوده وقت ۾ عدالت جي ڏينھن ۾ يسوع مسيح هن دنيا تي حڪومت ڪري رهيو آهي.


مڪاشفو 11 باب: 15 آيت:


”۽ ستين ملائڪ تاڙي وڄائي ته آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ انهن چيو ته دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي ۽ اُهو هميشه تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


سوال: جيڪڏهن يسوع دنيا جي حڪمراني ڪري رهيو آهي، ته پوءِ هر ڪنھن جي لاءِ شيون بھترين ڇو نٿيون ٿي وڃن. بجاءِ ان  جي جيئن هاڻي خراب آهن.؟

جواب: يسوع دنيا جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ حڪومت نه ڪري رهيو آهي، هو غير نجات يافته ماڻهن تي احسان ڪرڻ لاءِ حڪومت نه ڪري رهيو آهي؟ بائبل چئي ٿي ته هو لوهه جي ڇنڊو سان حڪومت ڪري رهيو آهي. هو سٺو منصف آهي، جيڪو انسانن کي هن جي پاڪ شريعت بائبل کي رد ڪرڻ جي سزا ڏيئي رهيو آهي. سزا دنيا جي گناهن کي ظاهر ڪري ٿي جيڪو عوامي ذلت جو نتيجو آهي. ٻين لفظن ۾ يسوع دنيا جي ادارن جي سڀ تي ٺٺوليون آڻڻ لاءِ فعال طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي.


يسعياه 47 باب: 1 آيت:


”اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لھي مٽيءَ تي ويھه، اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لھي پٽ تي ويھه، ڇا لاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نه سڏبئين.“


يسعياه 47 باب: 3 آيت:


”تنھنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنھنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي، آءٌ دير وٺندس، ۽ ڪوبه ماڻهو قبول نه ڪندس.“


جيئن ته انسان خدا ۽ هن جي ڪلام جي ٺٺول ڪئي آهي، خدا ٺٺول ڪرڻ وارن ماڻهن کان بدلو وٺندو ۽ اُنهن کي پنھنجي آخري اختتام ۾ نه ڇڏيندو.


امثال 1 باب: 25-26 آيت:


”پر اوهان منھنجي سڀ صلاح مصلحت باطل ڪري ڇڏي ۽ منھنجو ڪتاب ٻڌڻ نه گهريو، اوهان جي مصيبت جي ڏينھن ۾ آءٌ به کلندس، جيڪڏهن اوهان کي ڊپ ٿيندو تڏهن آءٌ ٺٺوليون ڪندس.“


سوال: اوهان يسوع کي ظالم ۽ بدلو وٺڻ وارو بڻائي ڇڏيو آهي. مان سمجهان ٿو ته هن کي وڏو رحيم ۽ شفيق هئڻ گهرجي؟

جواب: هو شفيق ۽ رحيم آهي. پر هو انسان جو انصاف ڪرڻ وارو قاضي به آهي. پر انصاف ڪرڻ واري وانگر هو پنھنجي شريعت ٽوڙڻ وارن ۽ جن هُن جي چونڊيل جو رت وهايو آهي، صحيح بدلو پيو وٺي.


يوحنا 5 باب: 27 آيت:


”۽ هُن کي عدالت ڪرڻ جي پڻ اختياري ڏني اٿس ڇا لاءِ ته هو ابن آدم آهي.“


رومين 12 باب: 19 آيت:


”اي عزيزو پاڻ پنھنجو وير نه وٺو پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو، ڇا لاءِ ته خداوند فرمائي ٿو ته وير وٺڻ منھنجو ڪم آهي.“


2- ٿسلونيڪين 1 باب: 7-8 آيت:


”۽ اوهين جي ڏک سھو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي، سو انهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنھنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهه ۾ ظاهر ٿيندو ۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.“


سوال: هي سڀ ٻڌڻ سٺو ڪونه  ٿو  لڳي  ڇا ٻڌائن لا ڪا سٺي ڳالهه ناهي؟

جواب: هڪ سُٺي خبر به آهي اُنهن جي لاءِ جن کي خدا 21 مئي 2011ع تي خاص ڪري نجات بخشي هئي. اُنهن ماڻهن کي نجات بائبل ٻڌڻ جي ڪري ملي ۽ انهن کي زمين تي ڇڏيو ويو آهي ته اُهي دنيا جي اذيت ناڪ عرصي مان گذرن انهن چونڊيل کي زمين تي هن لحاظ سان ڇڏيو ويو آهي ته اُهي مسيح جي عدالت جي تخت جي سامهون بيهن.


2- ڪرنٿين 5 باب: 10 آيت:


”ڇا لاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي، انهي لاءِ ته هر ڪنھن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جيڪي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اُهي چڱا هجن يا بڇڙا.“


جن کي مسيح نجات ڏني آهي، تن ۾ وري ڪڏهن گناهه نه ملندو، هن ڪري اهي آخر تائين برداشت ڪندا.


متي 24 باب: 13 آيت:


”پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو سو ئي بچندو.“


غير نجات يافته زمين جي لاءِ ناموافق آهن. خدا جا چونڊيل ٻچا عدالتي طريقي (روحاني باهه) کي برداشت ڪري سگهندا، جيستائين اهو پورو نه ٿئي ۽ پوءِ آخرڪار اُهي بھشت ۽ نئين زمين جيئن خدا وعدو فرمايو هو ۾ داخل ٿيندا.


ذڪريا 13 باب: 8-9 آيت:


”۽ هيئن ٿيندو ته سڄي ملڪ مان ٻه حصا قتل ٿي ويندا ۽ مرندا، ۽ باقي ٽيون حصو بچي ويندو ۽ آءٌ انهي ٽئين حصي کي باهه مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس ۽ سون وانگر تپائيندس ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا ۽ آءٌ سندن ٻڌندس ۽ آءٌ چوندس ته هيءَ منھنجي قوم آهي ۽ هو چوندا ته خداوند ئي اسان جو خدا آهي.“


هن طريقي سان هن کي ڄاڻڻ وڌيڪ خوشگوار ڳالهه آهي، پر آخر ۾ خدا جا چونڊيل ماڻهو هميشه لاءِ خدا جي خوشيءَ ۾ شامل ٿي ويندا.

متي 25 باب: 23 آيت:


”سندس ڌڻيءَ چيس ته شاباش، اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس، تون پنھنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.“


وڌيڪ معلومات جي لاءِ رابطو ڪريو:

HYPERLINK "http://WWW.ebiblefellowship.org" WWW.ebiblefellowship.org
HYPERLINK "http://www.ebible2.com" www.ebible2.com

اسان جي فيس بڪ صفحي  کي دسو

HYPERLINK "http://www.facebook.com/ebiblefellowship" www.facebook.com/ebiblefellowship
يوٽيوب چئنل جو به وزٽ ڪريو

www.youtube.com/ebiblefellowship1
اوهين پنهنجو پيغام  ، سوال رائي لکي سگهو ٿا

info@ebiblefellowship.org
يا  اسان کي هن پتي تي لکو

جيڪڏهن توهان جو ڪو سوال آهي ته اسان سان رابطو ڪريو: يا اي بائبل رفاقت، پي او باڪس نمبر 1393 شارون ٽڪري، پي اي 19079.













NO MORE SALVATION

TEXT GOES HERE

Spiritual Judgment Day

Text Goes Here

Thy Kingdom Come

Text Goes here

E Bible Fellowship's Open Forum - Volume 2

Text Goes Here

Studies in Genesis 6 - Volume 1: Verses 1-4

Text Goes Here

E Bible Fellowship's Open Forum Volume 1

Text Goes Here

2 Ttribulations At The End Of The World

Text Goes Here

50 Types & Figures Found in the Bible

Text Goes Here

Yet Forty Days!

Text goes here

The Elect's Appearance Before the Judgment Seat of Christ

Text Goes Here

بائبل ٽريڪٽس

بائبل ادب

اسان جي باري ۾

eBible Fellowship

اي بائبل فيلوشپ هيٺ ڏنل سببن لاء رکيو ويو:

اليڪٽرانڪ:اسان يقين رکون ٿا ته رب برقي ميڊيم (ريڊيو، انٽرنيٽ، وغيره) کي زبردست طريقي سان استعمال ڪيو آهي ته جيئن دنيا جي گرجا گهرن ۽ جماعتن کان ٻاهر ماڻهن جي وڏي ميڙ کي بچايو وڃي. ھاڻي ھٿ ۾ ڪم آھي، "ھنن جي رڍن کي کارايو" ته جيئن خدا انھن سڀني کي بچايو آھي جيڪي انجيل سان تبديل ڪيا ويندا.

بائيبل:بائبل اسان جي اختيار آهي. ڪو به ماڻهو اقرار نه ڪيو، يا مذهب، يا ڪنهن به قسم جي نظرياتي بيان بائبل کان مٿي آهي. اسان هڪ وقت ۾ رهندا آهيون جڏهن بائبل خدا جي طرفان انتهائي بلند ٿي رهي آهي. خدا جو ڪلام تمام اعليٰ آهي اهو اعلان ڪري ٿو.

ساٿي:اسان ايمان وارن جي رفاقت آھيون جن جي خواهش آھي ته خدا سان سندس ڪلام جي ذريعي رفاقت. بائبل اسان کي سيکاري ٿو ته چرچ جي عمر ختم ٿي وئي آهي؛ تنهن ڪري، اسان جو ڪنهن به چرچ يا ڪنهن به قسم جي فرقن سان ڪوبه واسطو يا سڃاڻپ ناهي. گهمڻ لاء توهان جي مهرباني.


يوحنا 1:3-19 SCLNT - جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سي اوھان کي بيان ڪريون ٿا، تہ جيئن اوھين بہ اسان سان رفاقت رکو، ۽ حقيقت ۾ اسان جي رفاقت پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.

رابطو

Thank you! Your submission has been received!
Oops! Something went wrong while submitting the form.

عطيو

E Bible Fellowship © 2023 - All Rights Reserved.